وفاقي حڪومت سنڌ ۾ گورننس خراب ڪرڻ گهري ٿي، وزيراعظم سنڌ جي عوام کي سزا نه ڏئي:سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني چيو آھي تھ وزيراعظم کي پ پ سان نفرت آهي ته سنڌ جي عوام کي سزا نه ڏئي، وفاقي حڪومت سنڌ ۾ گورننس خراب ڪرڻ گهري ٿي، ڪنهن صوبائي حڪومت کي ڊسٽرب ڪري ملڪ نٿو هلائي سگهجي

صوبائي وزير سعيد غني چيو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ تڪراري آدم شماري جو معاملو ڪجهه گهڙين ۾ رد ڪيو ويو، متحده پاڪستان ۽ جي ڊي اي وارا به ان جو حصو هئا، پي ٽي آءِ جو به ٻٽو معيار سڀني اڳيان آهي

صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته وفاق سنڌ خلاف سازشون ڪري رهيو آهي، 10 سالن ۾ سول بيورو ڪريسي جي معاملي تي سنڌ کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي

ھن چيو تھ صوبي کي اختيار آهي ته وفاق جي مقرر ٿيل آفيسرز کي قبول ڪري يا نه، پي ٽي آءِ حڪومت آفيسرز کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي، سنڌ جا سياسي يتيم بيوروڪريسي کي ڌمڪيون ڏين ٿا، وفاق سنڌ حڪومت کي نشانو بڻائڻ لاءِ مختلف ٽڪساٽ گهڙي رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔