ٺاروشاهه ڀرسان ٻن نوجوانن کي جڙتو مقابلي ۾ ماريندڙ ڊي ايس پي معطل

ٺاروشاهه(ن پ ا) ٺاروشاھ ڀرسان مبينا جڙتو پوليس مقابلي ۾ ماريل ٻن نوجوانن اطھر سولنگي ۽ محب سولنگي واري معاملي جو آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي مورو حميد پنهور کي معطل ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي

آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ٺاروشاھ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڳڀرو نوجوانن جي معاملي جو ٽائيم نيوز تي خبرون هلڻ بعد نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي مورو حميد پنهور کي سسپينڊ ڪري ڇڏيو

آءِ جي سنڌ ليٽر ۾ ڄاڻايو آھي ته ڊي ايس پي خلاف هلندڙ جاچ کي نظر ۾ رکندي انڪوائري مڪمل ٿيڻ تائين کيس معطل ڪجي ٿو، جڏھن ته اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔