آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025: ڀارتي ٽيم پاڪستان ايندي يا نه، اهم بيان سامهون اچي ويو

ڪراچي: آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 ۾ پاڪستان ۾ کيڏي ويندي پر روايتي حريف ڀارت جو اڃا تائين هن اهم ايونٽ ۾ شرڪت يقيني ناهي، ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب پاڪستان ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع ۾ ڀارتي ٽيم جي شرڪت بابت فيصلو ڀارتي حڪومت ڪندي

ان حوالي سان ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آءِ جي اڳوڻي صدر ۽ راندين واري وزير انوراگ ٺاڪر چيو آهي ته پاڪستان ۾ چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ بابت فيصلو اتان جي سڪيورٽي صورتحال تي مشروط آهي، ڀارتي حڪومت پاڪستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال جو مڪمل جائزو وٺندي ان کانپوءِ ئي ٽيم موڪلڻ جو اعلان ڪيو ويندو

هن چيو ته ڀارتي حڪومت ۽ گهرو وزارت پنهنجو فيصلو ڪري چڪي آهي، جڏهن اهڙا عالمي ٽورنامينٽ منعقد ٿيندا آهن ته ڪيتريون ئي شيون غور هيٺ هونديون آهن، انوراگ ٺاڪر چيو ته ماضي ۾ اسان ڏٺو آهي ته ڪيترن ئي ملڪن پاڪستان ۾ امن امان جي بهتر صورتحال نه هجڻ سبب اتي وڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، ان ڪري پاڪستان ۾ سيڪيورٽي سڀ کان اهم چئلينج آهي، وقت اچڻ تي ڀارتي حڪومت حالتن جي بنياد تي فيصلو ڪندي

واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ميزباني آءِ سي سي پاڪستان حوالي ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔