سيمي فائنل هارائڻ جو ڏک آهي، ٽيم جو مومينٽم برقرار رکنداسين: بابر اعظم

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته سيمي فائنل ۾ هارائڻ افسوسناڪ آهي پر هن وقت پاڪستاني ٽيم جو مومينٽم سٺو آهي ۽ ان کي برقرار رکنداسين،بنگلاديش ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته بنگلاديش جي هوم سيريز ۾ هن کي آسان نٿو وٺي سگهجي، سينيئر رانديگرن جي نه هجڻ باوجود ٽيم ۾ شامل رانديگرن کي بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ کيڏڻ جو تجربو آهي، ان ڪري اسان کي سيريز ۾ اعتماد سان کيڏنداسين

هن چيو ته هن وقت پاڪستاني ٽيم ۾ سٺي رفتار آهي ۽ ان کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سيمي فائنل ۾ هارائڻ افسوسناڪ آهي ۽ سڀني کي افسوس آهي، ان ڪري سمورن رانديگرن جي پٺڀرائي آهي، انهن ۾ اعتماد آهي، ان ڪري مومينٽم کي برقرار رهيا آهيون، بابر اعظم چيو ته بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز خلاف اسان جون 6 ميچون آهن، انهن ميچن ۾ مختلف ڪمبينيشن آزمائڻي آهي، ڪوشش ڪنداسين ته موقعي جو فائدو وٺندي ڍاڪا ۾ سيريز لاءِ جيترو موقعو مليو ان مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اسان جي ڪوشش آهي ته ورلڊ ڪپ وانگر هتي به سٺي کيڏون. هتي حالتون مختلف آهن، رنسون نه ٺهنديون جيئن يو اي اي ۾ ٺاهيون وينديون آهن، توهان کي هتي وڪيٽ تي رهڻو پوندو ۽ مان فائدو ٿيندو

هن وڌيڪ چيو ته ڪوڊ 19 سبب مداح گرائونڊ تي نه اچي سگهندا هئا پر هاڻي کين اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏني وئي جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي، اسان کي هتي تمام گهڻي سپورٽ ملي، جڏهن اسٽيڊيم ۾ پهتاسين ته رستي ۾ ماڻهو موجود هئا، بنگلاديش ٽيم سان گڏ اسان کي به مداحن جي به حمايت حاصل آهي

ايندڙ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي حوالي سان بابر اعظم چيو ته اهو چوڻ وقت کان اڳ آهي ته آسٽريليا ڪهڙي ٽيم سان گڏ ويندي، وطن واپس پهچڻ تي سليڪٽرز ۽ ٻين ماڻهن سان گڏ ويهنداسين ۽ پلان تيار ڪنداسين، واضح ريه پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي ميرپور جي شير بنگلا نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔