وفاقي حڪومت ۽ اتحادي پارٽين ۾ ويڇا وڌڻ لڳا، ق ليگ جو اجلاس

لاهور: وفاقي حڪومت ۽ ان جي اتحادي پارٽين ۾ ويڇا وڌڻ لڳا آهن.

لاهور ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ق جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير طارق بشير چيما، مونس الاهي، سينيٽر ڪامل علي آغا، سالڪ حسين ۽ حسين الاهي شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ پنجاب حڪومت جي رويي ۽ خدشن جي حوالي سان لائحه عمل ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ڪامل علي آغا موجب پنجاب حڪومت جي رويي تي پارٽي طرفان گهڻيون شڪايتون اچي رهيون آهن، اتحادي هجڻ جي ڳالهه الڳ آهي، اهي پنهنجي اسپيڪر سان رڳو بجيٽ اجلاس جي لاءِ ملاقات ڪندا آهن.

ق ليگ جي سينٽرل ڪيمٽي جو اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو جڏهن ته سڀاڻي واري اجلاس ۾ پنجاب حڪومت جي رويي ۽ خدشن بابت لائحه عمل جوڙيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔