پاڪستان ۾ پيٽرول سستو آهي، سنڌ ۾ شگر ملز بند ٿيڻ سبب کنڊ مهانگي ٿي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ ۾ شگر ملز بند ٿيڻ سبب کنڊ جي کوٽ پيدا ٿي ۽ ان جي اگهن ۾ به اضافو ٿيو. خطي ۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي پيٽرول ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سستو آهي

وزيراعظم اهڙو اظهار اٽڪ ۾ هڪ تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيوته اسان ٻن يا ٽن سالن جو نه پر 5 سالن جو مينڊيٽ کڻي آيا آهيون. 5 سالن کانپوءِ فيصلو ٿيندو ته عام ماڻهن جي زندگي ۾ بهتري آئي آهي يا نه. 5 سالن اندر ڪمزور طبقي جي زندگي بهتر ٿي ويندي ته سمجهندس ته مان ڪامياب ٿي ويس. وزيراعظم چيو ته 30 سالن دوران بنگلاديش به اسان کان اڳتي نڪري ويو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اهڙي حڪومت آئي آهي جيڪا ايندڙ نسلن لاءِ سوچي رهي آهي، مارچ تائين پنجاب ۾ هر ماڻهوءَ وٽ هيلٿ ڪارڊ هوندو

وزيراعظم چيو ته مهانگائي جو مسئلو سموري دنيا ۾ آهي، هڪ سئو سالن دوران دنيا ۾ اهڙو بحران ڪڏهن نه آيو جهڙو ڪورونا وبا جي ڪري آيو. ڀارت ۾ پيٽرول اڍائي سئو روپيا في ليٽر آهي ۽ خطي ۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي ٻين جي ڀيٽ ۾ پيٽرول اڃا به سستو آهي

کنڊ جي اگهن ۾ لاڳيتي واڌ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته سنڌ ۾ ٽن شگر ملز کي بند ڪيو ويو، سنڌ ۾ جڏهن شگر ملز بند ڪيون ويون ته ان سان کنڊ جي کوٽ پيدا ٿي پئي ۽ ان جي اگهن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو ۽ قيمت 140 روپين تائين پهتي. وزيراعظم چيو ته سنڌ ۾ کنڊ جي کوٽ پيدا ٿي ته پنجاب جي شگر ملز کنڊ جي ذخيرااندوزي شروع ڪري ڏني. مون چيف سيڪريٽري کي چيو ته قانون موجب شگر ملز ذخيرا اندوزي نه ٿيون ڪري سگهن ته هن ٻڌايو ته جولاءِ کان شگر ملز هن قانون خلاف اسٽي آرڊر ورتو آهي

وزيراعظم چيو ته پنجاب حڪومت کي چيو آهي ته شگرملز جيڪي اسٽي آرڊرز ورتا آهن اهي ختم ڪرايا وڃن، ڇاڪاڻ ته عوام سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔