مون کي پئسا نه کپن، قاتلن جو موت ڏسڻ چاهيان ٿي: مقتول ناظم جوکيو جي زال

ڪراچي: جنگشاهي ويجهو غيرقانوني شڪار کان روڪڻ تان بي دردي سان قتل ڪيل ملير واسي نوجوان ناظم جوکيو جي گهرواري شيرين جوکيو چيو آهي ته اسان کي پئسا نه پر انصاف کپي، قاتلن کي به ائين ئي تشدد ڪري ماريو وڃي جيئن هنن منهنجي مڙس کي ماريو

ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول جي گهرواري چيو ته ظالم سردارن ۽ هنن جي غنڊن منهنجي ڳڀرو مڙس کي ناحق ماريو. هن چيو ته منهنجي مڙس کي سالار جوکيو ۽ هن جا غنڊا گهران وٺي ويا ۽ گهر جي ٻاهران ئي هن کي پنهنجي ڀاءُ جي ڌڪ هڻڻ شروع ڪيا ۽ پوءِ اهو چئي ناظم کي کڻي ويا ته اسان فيصلو ڪنداسين. شيرين جوکيو چيو ته ظالمن منهنجي مڙس کي وحشياڻو تشدد ڪري ماريو، منهنجو مطالبو آهي ته قاتلن کي به ائين ماريو جيئن هنن منهنجي مڙس کي ماريو، مان پنهنجي اکين سان اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ چاهيان ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔