شهباز شريف جا بلاول، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين سان فون تي رابطا

مسلم ليگ نون جي صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف مهانگائي ۽ وفاقي سرڪار خلاف نئين حڪمت عملي اختيار ڪرڻ لاءِ اپوزيشن جي اڳواڻن سان رابطا ڪري مشاورت ڪئي آهي. شهباز شريف پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ، سردار اختر مينگل، آفتاب شيرپائو، عبدالمالڪ بلوچ ۽ ٻين سان به فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي

شهباز شريف پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪري ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي صورتحال ۽ خاص ڪري ڳاٽي ٽوڙي مهانگائي ۽ ان جي خلاف پارليامينٽ ۾ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٽيليفونڪ رابطن دوران اپوزيشن جي اڳواڻن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۽ نيب ترميمي آرڊيننس بابت گڏيل موقف اختيار ڪرڻ بابت مشاورت به ڪئي

اپوزيشن جي اڳواڻن بدترين مهانگائي خلاف پارليامينٽ جي اندر توڙي ٻاهر ڀرپور ردعمل تي اتفاق ڪيو ۽ اڳواڻن پاران چيو ويو ته هيءَ حڪومت وڌيڪ عرصو رهي ته عوام ۽ معيشت زنده نه رهي سگهندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔