گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ مهانگائي جي شرح 16.43 سيڪڙو ٿي وئي

اسلام آباد: شماريات کاتي مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

شماريات کاتي موجب، ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گذريل هفتي ۾ 0.67 سيڪڙو وڌي وئي آهي، جنهن سان مهانگائي جي مجموعي شرح 15.21 سيڪڙو ۽ گهٽ آمدني وارن لاءِ 16.43 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

شماريات واري اداري موجب هڪ هفتي دوران 28 شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو، ٽماٽو 20.9 رپيا في ڪلو، کنڊ 5.56 رپيا في ڪلو ۽ ايل پي جي سلينڊر جو اگهه 77 رپيا 96 پئسا في ڪلو رهيو.

شماريات اداري موجب هڪ هفتي دوران گهي 10.21 رپيا في ڪلو، انڊا 3 رپيا 60 پئسا في درجن ۽ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ 4 رپيا 71 پئسا في ڪلو واڌ ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔