کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سٽي سبب ٿي: وفاقي وزير فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جو اسٽاڪ 22 ڏينهن لاءِ ڪافي آهي، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سٽي سبب ٿي آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ شگر ملون آصف زرداري جون آهن، پنجاب ۾ شريف خاندان آهي، سنڌ حڪومت ڪڻڪ جاري ناهي ڪئي، هاڻي ان جي ڪرشنگ به نه ٿي رهي آهي.

کاڌ خوراڪ جي تحفظ واري وزير فخر امام چيو ته کنڊ جو مصنوعي بحران پيدا ڪري عام ماڻهو جو ناجائز استحصال ڪيو پيو وڃي، پنجاب ۾ 15 نومبر کان ڪمند جي ڪرشنگ شروع ڪئي ويندي.ياد رهي ته سڄي ملڪ ۾ کنڊ جو اگهه آسمان تي پهچي ويو آهي ۽ حيدرآباد ۾ کنڊ جو في ڪلو اگهه ملڪ جي شهرن کان به مٿي ٿي ويو آهي.

حيدرآباد ۾ کنڊ جو اگهه 160 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي.پشاور، ڪوئيٽا ۽ سوات ۾ کنڊ جو اگهه 150 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو. ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ هڪ ڪلو کنڊ 145 رپيا جڏهن ته لاهور ۾ ڪمند جو في ڪلو اگهه 140 رپيا ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔