ڪراچي جي اسڪول ۾ ليڊي ٽيچرز جي واش رومز مان ڳجهيون ڪيمرائون هٿ، وڊيوز ٺاهڻ جو انڪشاف

ڪراچي: صفوران ڳوٺ ۾ هڪ نجي اسڪول ۾ ليڊي ٽيچرز جي واش رومز ۾ ڳجهيون ڪيمرائون لڳائي وڊيوز ريڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ليڊي ٽيچرز جي شڪايتن بعد تعليم کاتي جي هڪ ٽيم اسڪول تي ڇاپو هڻي واش رومز ۾ لڳل ڳجهيون ڪيمرائون هٿ ڪري ورتيون

تعليم کاتي سنڌ جو چوڻ آهي ته نجي اسڪول جي جن واش رومز مان ڳجهيون ڪيمرائون هٿ ڪيون ويون آهن، اهي واش رومز شاگردياڻين پاران به استعمال ڪيا پئي ويا ۽ انهن ڪيمرائن ذريعي وڊيوز ريڪارڊ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. تعليم کاتي پاران اسڪول جي رجسٽريشن رد ڪئي وئي آهي. تعليم کاتي موجب ڳجهيون ڪيمرائون مرد استادن جي واش رومز مان به مليون آهن

نجي اسڪول تي ڇاپو هڻندڙ وجيلنس ٽيم پنهنجي رپورٽ تعليم کاتي وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي ۽ اسڪول جي انتظاميا کي شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي پاران وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سومر ڏينهن اجلاس به سڏايو ويو آهي. نجي اسڪول جي واش رومز مان ڳجهيون ڪيمرائون ملڻ بعد علائقي واسين پاران اسڪول جي ٻاهران احتجاج ڪيو ويو آهي ۽ مطالبو ڪيو ويو آهي ته اسڪول کي سيل ڪري انتظاميا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔