پيٽرول بعد بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو 68 پيسا في يونٽ واڌ

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 68 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

نيپرا موجب 200 يونٽ في مهيني تائين استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين جي بجلي مهانگي نه ڪئي ويندي.نيپرا جو چوڻ آهي ته 200 يونٽن کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين لاءِ هڪ رپيو 68 پئسا جڏهن ته ڪمرشل، صنعتي ۽ ٻين شعبن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 3 رپيا 39 پئسا في يونٽ واڌ ٿيندي.

نيپرا موجب بجلي جي قيمت ۾ واڌ بنيادي ٽيرف ۾ ڪئي وئي آهي ۽ واڌ جو اطلاق ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ ۾ ٿيندو. نيپرا جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ پهرين نومبر 2021ع کان لاڳو ٿيندي.

نيپرا موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان حڪومت کي ساليانو 135 ارب رپيا ملندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔