مني لانڊرنگ ريفرنس: شهباز شريف ۽ حمزه عدالت ۾ پيش، ٻڌڻي ٻارنهن نومبر تائين ملتوي

لاهور: احتساب عدالت قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سميت ٻين جي خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس تي ٻڌڻي 12 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وڪيلن کي دليلن جي لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز ۽ اپوزيشن اڳواڻ پنجاب اسيمبلي حمزه سهباز سميت ٻين جي خلاف مني لانڊرنگ، آشيانه ريفرنس ۽ رمضان شوگر ملز ريفرنس تي ڌار ڌار ٻڌڻي ٿي.
شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز جي غير موجودگي سبب ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي. ايسوسي ايٽ وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي. ايسوسي ايٽ وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شهباز شريف جو وڪيل امجد پرويز ڊينگي وائرس جو شڪار آهي.
امجد پرويز جي موجودگي ۾ نيب گواهه جو بيان قلمبند ڪيو وڃي. عدالت شهباز شريف جي وڪيل جي استدعا منظور ڪري ورتي. شهباز شريف عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ايندڙ هفتي قومي اسيمبلي جو اجلاس آهي. ڊگهي تاريخ ڏني وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس جي ٻڌڻي 12 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
احتساب عدالت رمضان شوگرملز ريفرنس ۾ نيب جي گواهن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 15 نوممبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔