پاڪستان پيپلز پارٽي پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪريون ٿا. 3 سالن دوران تباهي سرڪار پيٽرول جي قيمتن ۾ 53 روپين جو اضافو ڪيو آهي.
پ پ اڳواڻ شيري رحمان پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته تباهي سرڪار پيٽرول جي قيمت ۾ وڌيڪ 8 روپيه 3 پئسا في ليٽر اضافو ڪري ڇڏيو. 2 هفتا اڳ پيٽرول جي قيمت ۾ 10 روپيه اضافو ڪيو ويو هو. پيٽرول جي نئين قيمت هاڻ 145 روپيه 82 پئسا ٿي ويو آهي.
شيري رحمان چيو ته وزيراعظم پيٽرول جون قيمتون وڌائي چوي ٿو ته عوام کي رليف ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم ريليف ڏئي نه پيو پر گهري رهيو آهي. پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ سان هر شيءَ مهانگي ٿي وئي. اڳ ئي مهانگائي جي شرح 14.31 سيڪڙو ٿي چڪي آهي. حڪومت هاڻ عوام تي رحم ڪري ۽ تيل جون وڌيل قيمتون واپس وٺي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔