ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: نيوزيلينڊ اڄ نميبيا جڏهن ته ڀارت اسڪاٽ لينڊ سان مهاڏو اٽڪائيندي

لاهور: ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مقابلن ۾ اڄ نيوزيلينڊ، نيميبيا ۽ ڀارت، اسڪاٽ لينڊ سان مهاڏو اٽڪائيندي.ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل ويجهو پهچي ويو. اڄ کيڏيل 36هين ميچ ۾ نيوزليينڊ جو نيميبيا سان ميچ ٻنپهرن جو 3 وڳي شيڊول آهي. جڏهن ته 37هين ميچ ۾ ڀارت ۽ اسڪاٽ لينڊ رات جو 7 وڳي ميدان ۾ لهندا.
گذريل ڏينهن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ آسٽريليا بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. بنگلاديش آسٽريليا کي کٽڻ جي لاءِ 4 رنسن جو حدف ڏنو هو جيڪو ڪينگروز ستين اوور ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
پنهنجي هن فتح سان گڏ ئي آسٽريليا جي ٽيم رن ريٽ جي بنياد تي گروپ 1 ۾ ٻئي پوزيشن تي هلي وئي آهي. ٻئي ميچ ۾ دفاعي چيمپين ويسٽ انڊيز سريلنڪا جي هٿان 20 شڪست کائي سيمي فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويو.
سريلنڪا جي رانديگرن 3 وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسن جو اسڪور ٺاهيو جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم 8 وڪيٽن تي 169 رنسون ٺاهي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔