گرفتار ايم پي اي جي پارٽي رڪنيت ختم ڪرڻ کان وڌيڪ اهم انصاف جي فراهمي آهي: وڏو وزير

ڌاٻيجي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نوجوان ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ايم پي اي ڄام اويس بجار جي پارٽي رڪنيت ختم ڪرڻ کان وڌيڪ اهم معاملو متاثرين کي انصاف ڏيارڻ آهي. وارث جيڪڏهن ايم پي اي جي پارٽي رڪنيت ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندا ته اها اسان لاءِ ته معمولي ڳالهه هوندي، اصل اهميت انصاف جي فراهمي جي آهي

وڏي وزير اهڙو اظهار ڌاٻيجي پهچي مقتول ناظم جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهين دوران ڪيو. مراد علي شاهه ناظم جوکيو جي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته ساڻن انصاف ٿيندو. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ناظم جوکيو جو قتل دردناڪ واقعو آهي ۽ پيپلزپارٽي توڙي سنڌ سرڪار مظلومن سان گڏ آهي. مختلف سوالن جا جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته حڪومت ڪنهن جي به پٺڀرائي يا حمايت نه پئي ڪري

مراد علي شاهه چيو ته اسان مقتول جي وارثن جا ٿورائتا آهيون، جن منهنجي گارنٽي تي احتجاج ختم ڪيو، اسان جي پهرين ترجيح اها آهي ته واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿئي ۽ مظلومن کي انصاف ملي. وڏي وزير چيو ته عوام کي انصاف ٿيندي نظر ايندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔