ناظم جوکيو قتل ڪيس: رهيل 2 جوابدار اڄ شام تائين گرفتار ٿي ويندا: ايم پي اي ساجد جوکيو

ڌاٻيجي: پيپلزپارٽي جي ملير مان چونڊيل ايم پي اي ساجد جوکيو چيو آهي ته نوجوان ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن مان 3 ڄڻا گرفتار ٿي چڪا آهن، رهيل 2 جوابدار به اڄ شام تائين گرفتار ٿي ويندا. نوجوان جي قتل ڪيس ۾ پيپلزپارٽي جو ايم پي اي ڄام اويس گهرام به نامزد ٿيل آهي

ساجد جوکيو اهڙو اظهار ڌاٻيجي ويجهو نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ويٺل مقتول نوجوان ناظم جوکيو جي وارثن سان يڪجهتي جي اظهار دوران ڪيو. ايم پي اي ساجد جوکيو بعد ۾ ٽائيم نيوز سان به ڳالهائيندي چيو ته اسان جي پارٽي قيادت واضح هدايتون جاري ڪيون آهن ته قتل ڪيس ۾ ڀلي ڪو چونڊيل نمائندو يا وزير ملوث ڇو نه هجي، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

ايم پي اي ساجد جوکيو چيو ته هتي ڌرڻي ۾ سياست ڪرڻ نه پر ناظم جوکيو جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آيو آهيان، ڇاڪاڻ ته ناظم اسان جو مائٽ آهي ۽ هنن سان وڏو ظلم ٿيو آهي. ساجد جوکيو چيو ته قتل ڪيس ۾ نامزد رهيل ٻه جوابدار به شام تائين گرفتار ٿي ويندا. ناظم جا وارث منهنجي ڳالهه تي يقين ڪندي ڌرڻو ختم ڪن يا ڌرڻو جاري رکن، مان هنن سان گڏ آهيان

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔