اپوزيشن ليڊر سان هٿ ملائڻ جو مطلب ڪرپشن قبول ڪرڻ آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي ٻه خاندانن سان ذاتي ويڙهه ناهي، انهن سان دوستي هوندي هئي.

هڪ تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو سڀ چوندا آهن ته توهان ٻن وڏن خاندانن جي پويان پيل آهيو، ٻن خاندانن سان ذاتي ويڙهه ناهي، انهن سان دوستي هوندي هئي.

هن چيو ته ٻه چئلينج آهن، هڪ چئلينج آهي ته اسان ڪرپشن کي قبول ڪيون، مون کي چوندا آهن ته اپوزيشن ليڊر سان هٿ نه ملايو، ان تي اربين رپين جي ڪرپشن جا الزام آهن، اپوزيشن ليڊر سان هٿ ملائڻ جو مطلب ڪرپشن کي قبول ڪرڻ ناهي.

سندس چوڻ هو برطانيا ۾ تصور به نٿو ڪري سگهجي ته اربين رپين جي ڪرپشن جو الزام هجي ۽ اسيمبلي ۾ ٻه ٻه ڪلاڪ تقريرون ڪيون، جيڪا قوم سٺي ۽ خراب جي تميز ختم ڪري ڇڏيندي آهي اها مري ويندي آهي.

وزيراعظم چيو ته اسان موبائل فون بند نٿا ڪري سگهون پر ٻارن کي رول ماڊل ڏئي سگهون ٿا، اسان کي معاشري لاءِ فڪري انقلاب گهرجي، پاڪستان ۾ سڀ کان تيزيءَ سان جنسي ڏوهه وڌي رهيا آهن، اها اسان لاءِ شرم جي ڳالهه آهي.

هن چيو ته موبائل فون جي چئلينج سان معاشري ۾ وڏي تبديلي اچي رهي آهي، ٻارن سان زيادتيون وڌيون، زينب ڪيس سامهون آيو، عورتن سان زيادتين جا ڪيس آهن پر انهن تي هاڻ ڳالهه ناهي ٿيندي.

سندس موجب اسڪالرن جو ڪم تجزيو ڪرڻ هوندو آهي، قوم جي رهنمائي ڪيو، مديني جي رياست ۾ تعليم تي زور ڏنو ويو، يهودي تعليم سبب دنيا تي حاوي آهن، جيڪو انسان پاڻ سڳورن صه جي سنت تي هلندو، اهو ڪامياب ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔