مهانگائيءَ جي سونامي، کنڊ جو اگهه آسمان تي پهچي ويو

ڪراچي :ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي ۽ پشاور ۾ به کنڊ پيٽرول کي به پوئتي ڇڏي ڏنو.
ملڪ ۾ کنڊ وڌيڪ مهانگائي ٿي وئي آهي، پشاور ۾ دڪان تي هڪ ڪلو کنڊ 140 کان 145 رپين ۾ في ڪلو ملي رهي آهي.
ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 124 رپين تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته لاهور ۾ هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ 120 کان 124 رپين ۽ ريٽيل ۾ 130 رپين تائين ڪلو ملي رهي آهي.
کنڊ جا اگهه روز روز وڌڻ ۽ مهانگائي تي شهرين مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آمدني گهٽ ۽ مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، جنهن سبب گذارو ڏکيو ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔