اپوزيشن جماعتون ڏيڍ انچ جي مسجد ٺاهي ناڪاري سياست ڪري رهيون آهن: شيخ رشيد

لاهور: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال اطمينان جوڳي آهي، موجوده حالتن ۾ اپوزيشن جماعتون ڏيڍ انچ جي مسجد ٺاهي ناڪاري سياست ڪري رهيون آهن.

شيخ رشيد پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان لاهور ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سياسي ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

گهرو وزير چيو ته الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان وزيراعظم عمران خان جي حڪمت عملي سان معاملو بهتر انداز ۾ حل ٿيو، پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال اطمينان جوڳي آهي، موجوده حالتن ۾ اپوزيشن جماعتون ڏيڍ انچ جي مسجد ٺاهي ناڪاري سياست ڪري رهيون آهن.

ان موقعي تي عثمان بوزدار چيو ته معاملو ڳالهين سان حل ٿيڻ پاڪستان جي فتح آهي، پاڪستان لاءِ سڀني پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، حڪومت سڀ کان اڳ ملڪي مفادن کي ترجيح ڏيندي آهي، موجوده حالتن ۾ اپوزيشن جماعتن جو رويو ملڪي مفادن جي خلاف آهي، حالتون بهتر ٿي رهيون آهن ۽ وڌيڪ بهتر ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔