زراعت کاتو ڪمند اگهه بابت پاسما سان متفق، 228 رپيا مڻ رکڻ جي سفارش

ڪراچي: سنڌ حڪومت، آبادگارن ۽ پاسما ۾ ڪمند جي اگهن وارو معاملو نه نبريو، پاسما جي مطالبي بعد زراعت کاتي به ڪمند اگهه 225 کان 228 رپين تائين مقرر ڪرڻ جون تجويزون سنڌ ڪابينا ڏانهن اماڻي ڇڏيون، ڪمند جي اگھن ۽ شگر ملون چالو ٿيڻ واري معاملي تي هيل آبادگارن ۽ حڪومت ۾ دنگل جو امڪان، آبادگارن پاران 227 رپين تي ڪمند ڏيڻ کان انڪار، 300 رپيا اگهه مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪندي آبادگار اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ حڪومت کنڊ جو اگهه 60 رپيا مقرر ڪيو ته پوءِ 250 رپيا في مڻ ڪمند ڏينداسين. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ حڪومت، پاسما ۽ آبادگارن وچ ۾ ڪمند جي اگهن وارو معاملو لٽڪي پيو آهي،

پاسما پاران اگهه 227 رپيا مقرر ڪرڻ واري مطالبي کان پوءِ ڪالهه زراعت کاتي جي صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ به پاسما جي مطالبي کي مڃڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ڪابينا ڏانهن ڪمند جو اگهه 225 کان 228 رپيا ڪرڻ واريون تجويزون اماڻيون ويون آهن، پر اگهه 228 رپين کان 230 رپين تائين في مڻ مقرر ڪري سگھجي ٿو، منظور وساڻ چيو آهي ته 4 نومبر تي سنڌ ڪابينا جو اجلاس آهي ان ۾ ڪمند جي اگهن بابت فيصلو ڪيو ويندو. واضح رهي ته پاسما پاران به هڪ ڏينهن اڳ ڪمند جو اگهه 227 رپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو هو ته ان کان وڌيڪ اگهه نه ٿا ڏئي سگھجن، جنهن بعد سنڌ حڪومت جو به ساڳيو ئي موقف سامهون آيو آهي، سنڌ سرڪار ۽ پاسما اگهن واري معاملي تي هڪ پيج تي هجڻ سبب هن سال به اگهن واري معاملي تي آبادگارن ۽ حڪومت توڙي پاسما وچ ۾ دنگل جو امڪان وڌي ويو آهي،

آبادگارن جي تنظيم ايوان زراعت جي جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 14 سيپٽمبر تي شگر ڪين بورڊ جي اجلاس ۾ اسان 250 رپيا في مڻ تي به مشروط راضپو ظاهر ڪيو هو ته شگر ملون پهرين نومبر کان شروع ٿيڻ جي صورت ۾ 250 وارو اگهه قبول ڪيو ويندو، پر حڪومت شگر ملون پهرين نومبر تي شروع ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي جنهن بعد هاڻي اسان 300 رپين کان گھٽ اگهه تي ڪمند نه ڏينداسين، هاڻي اسان جو مطالبو آهي ته اگهه 300 رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته ان صورت ۾ 250 رپيا في مڻ ڪمند ڏئي سگھجي ٿو ته حڪومت کنڊ جو في ڪلو 60 رپيا اگهه مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري، ڇاڪاڻ ته هاڻي کنڊ جو اگهه في ڪلو 120 رپين ۾ وڪامي ٿو، کنڊ جي موجوده ريٽ سبب جيڪڏهن شگر ملن پاران 600 رپيا في مڻ ڪمند خريد ڪيو وڃي ته پوءِ به کين فائدو ٿيندو. پر شگر ملون اهو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔