ڇھ سيڪڙو ڪميشن کپي: ملڪ جي 6000 پيٽرول پمپن پاران جمعي تي هڙتال جو اعلان

ڪراچي: پاڪستان پيٽروليم ڊيلر ايسوسيئشن جمعي 5 نومبر تي سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته کين پيٽروليم مصنوعات تي 6 سيڪڙو منافعو (ڪميشن) ڏنو وڃي، ان ڏس ۾ پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئشن جي چيئرمين عبدالسميع ۽ ٻين ڪالهه هتي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب پيٽرول پمپ مالڪ به پريشان آهن، ڪيترائي ڀيرا حڪومت پٽروليم تي ڪميشن وڌائڻ جو اعلان ته ڪيو پر انهي اعلان تي عمل نه ٿيو، جنهن سبب اسان مجبور ٿي پنج نومبر کان پيٽرول پمپ بند ڪنداسين،

هن چيو ته اوگرا چيئرمين ۽ ڊي جي فون ذريعي رابطو ڪيو آهي، اڄ اسلام آباد ۾ ساڻن گڏجاڻي رٿيل آهيم هن چيو ته ملڪ ۾ 6000 پيٽرول پمپ آهن، اسانکي پيٽرول جي في لٽر تي اڍائي رپيا ڪميشن ملي ٿي، اسان ملازمن جي پگهارن،بجلي بلن سميت ٻين خرچن جي ادائگي لاءِ پريشان آهيون،

هاڻ مجبور ٿي پنهنجو ڪاروبار بند ڪريون پيا هن واضح ڪيو ته اسان جو احتجاج هڙتال آهي، اسانجو اهو حق آهي ته پنهنجو ڪاروبار بند ڪريون، پوءِ ڀلي اسانجا لائسنس رد ڪيا وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته اسانکي پيٽرول جي في لٽر تي 6 سيڪڙو ڪميشن ڏني وڃي، جڏهن ته انهي ڪميشن تي ٽيڪسز ۾ ڇوٽ پڻ ملڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔