سنڌ اُهو بدقسمت صوبو آهي، جيڪو ثقافتي وِرثن جو به تحفظ نه ڪري سگهيو:چيف جسٽس

ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آھي تھ موهن جي دڙي کي دنيا ۾ ڪير پُڇندو آهي، مڪلي ۽ موهن جي دڙي تي ڪُتا گهمندا آهن، ماڻهو  سرون به کڻي ويندا آهن، سپريم ڪورٽ طرفان سنڌ جي سيڪريٽري ثقافت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

چيف جسٽس گلزار احمد سيڪريٽري ثقافت کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان وٽ ڪجهه به نه آهي، سنڌ اُهو بدقسمت صوبو آهي، جيڪو پنهنجي ثقافتي وِرثن جو به تحفظ نه ڪري سگهيو، سيڪريٽري ثقافت چيو ته بجيٽ ۾ ثقافت کاتي لاءِ  وڏي رقم رکيل آهي

چيف جسٽس چيو ته پر اها سڄي رقم کاڄي ويندي آهي، ثقافتي ورثي کي بحال ڪرائڻ ويندئو ته پنڌ وڃڻ لاءِ به جاءِ نه هوندي، ٽرانسپورٽ سوڌو ڪابه شئي ناهي، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته رڳو گهڻ ماڙ عمارتون اڏي پئسو ٺاهيو پيو وڃي، هنن کي ثقافتي ورثي جي ڪابه پرواهه ناهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔