پاڪستان جي آمريڪا سان فضائي حدن بابت معاهدي جي ترديد

اسلام آباد: پرڏيهي کاتي افغانستان ۾ فوجي آپريشن لاءِ پاڪستاني فضائي حدن جي استعمال بابت آمريڪا سان معاهدي جي ترديد ڪري ڇڏي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ افغانستان ۾ فوجي انٽيليجنس آپريشن لاءِ پاڪستاني فضائي حدن جي استعمال بابت معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي حوالي سان خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي، پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ اهڙي ڪنهن معاهدي تي ڳالهيون نه پيون ٿين.

پرڏيهي ترجمان موجب پاڪستان ۽ آمريڪا جو علائقائي سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي پراڻو سهڪار آهي، تنهن ڪري ٻنهي ملڪن وچ ۾ ان حوالي سان باقاعدي طور مشاورت جاري آهي.

واضح رهي ته آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته افغانستان ۾ آپريشن لاءِ فضائي حدن جي استعمال تي پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ معاهدو ٿيڻ وارو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔