فضائي حدن جي استعمال بابت آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ جلد معاهدو ٿيڻ جي دعويٰ

واشنگٽن: آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته افغانستان ۾ فوجي آپريشن لاءِ فضائي حدن جي استعمال تي آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ معاهدو ٿيڻ وارو آهي.

آمريڪا جي سرڪاري نشرياتي اداري سي اين اين موجب جو بائيڊن انتظاميا آمريڪي ڪانگريس ميمبرن کي پاڪستان سان ٿيندڙ ٺاهه بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪي ڪانگريس ميمبرن کي پاڪستان سان ٿيندڙ ٺاهه بابت گذريل ڏينهن آگاهه ڪيو ويو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان فضائي حدن جي استعمال بدلي آمريڪا سان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ امداد جي فراهمي جي ايم او يو جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.

آمريڪي نشرياتي اداري چيو آهي ته پاڪستان فضائي حدن جي استعمال بدلي ڀارت سان لاڳاپن جي معاملي ۾ مدد جي به خواهش ظاهر ڪئي آهي.

سي اين اين ذريعن موجب آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ ڳالهيون جاري آهن، سمجهوتي کي حتمي شڪل ناهي ڏني ۽ ان ۾ تبديلي به ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔