ڌوني ۽ پاڪستاني فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني ۽ قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه واري وڊيو سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهي

فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ايم ايس ڌوني کي پري کان ڏسندي کيڪاريو ۽ چيو ته توهان ته ڏينهون ڏينهن وڌيڪ فٽ ٿيندا پيا وڃو، ان جي جواب ۾ ڌوني چيو ته هاڻي ته پنهنجي عمر وڌندي پئي وڃي

ڌوني جي اهڙي جواب تي ڏاهاڻي کيس چيو ته نه توهان اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فٽ آهيو. ايم ايس ڌوني ۽ شاهنواز ڏاهاڻي وچ ۾ اها ڳالهه ٻولهه ڀارتي ٽيم جي ٽريننگ سيشن جي پڄاڻيءَ تي ٿي. ڌوني رانديگرن سان گڏ سيشن جي پڄاڻيءَ تي بس ڏانهن وڃي رهيو هو ته گرائونڊ جي بائونڊري لائين تي موجود شاهنواز ڏاهاڻي کيس سڏ ڪري ساڻس ڳالهائڻ شروع ڪيو

ايم ايس ڌوني ڀارتي ٽيم سان مينٽور طور گڏ آهي. ڏاهاڻي ۽ ڌوني وچ ۾ ڳالهه ٻولهه واري وڊيو تي ٽويٽر ۽ ٻي سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا ٿي رهيا آهن، پاڪستان توڙي ڀارت جا ڪيترائي مداح ان کي ڪرڪيٽ دوستي ۽ انسان دوستي به قرار ڏئي رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔