ڀرتيون ميرٽ تي ٿيون، نثار چنه ڪوڙ پيو ڳالهائي: اڳوڻو ڊي آءِ جي آفتاب پٺاڻ

ڪراچي: اڳوڻي ڊي آءِ جي ۽ سنڌ پوليس جي رڪروٽمينٽ ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين آفتاب پٺاڻ اڳوڻي ايس ايس پي نثار چنه جي الزامن کي سختيءَ سان رد ڪندي چيو آهي ته پوليس ۾ ڀرتيون ميرٽ تي ٿيون

اڳوڻي ڊي آءِ جي چيو ته اي ڊي خواجا ۽ ڪليم امام جي دورن ۾ رڪروٽمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين هيس، ان وقت مجموعي طور 25 هزار ڀرتيون ٿيون، جيڪي ميرٽ تي ٿيون. آفتاب پٺاڻ چيو ته انهن ٻنهي دورن ۾ جهڙي نموني شفاف ڀرتيون ٿيون، اهڙيون ٻئي ڪنهن به دور ۾ نه ٿيون

اڳوڻي ڊي آءِ جي آفتاب پٺاڻ چيو ته اڳوڻو ايس ايس پي نثار چنه ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ۽ هن جا لڳايل سمورا الزام بي بنياد آهن. هن چيو ته نثار چنو چارسده جي هڪ سپاهيءَ جي پٽ کي ڀرتي ڪرڻ واري معاملي تي سمورو اشو کڙو ڪيو آهي. چارسده جي ان نوجوان جي ڀرتي به ميرٽ ۽ قانون موجب هئي، ڇاڪاڻ ته ان جو ڊوميسائيل ڪراچي جو ٺهيل هو ۽ اهو درست هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔