منشيات جي لاءِ آريان ۽ اننيا جي وچ ۾ ڪھڙي ڳالھ ٻولھ ٿي؟ واٽس ايپ چيٽ ليڪ

ممبئي: نارڪوٽيڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) دعويٰ ڪئي آھي تھ بالي ووڊ اداڪارا اننيا پانڊي آريان خان جي لاءِ منشيات جو بندوبست ڪرڻ تي راضي ٿي

ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي ڪروز شپ منشيات ڪيس ۾ بالي ووڊ اداڪارا اننيا پانڊي کي گذريل صبح پڇا ڳاڇا جي لاءِ اين سي بي آفيس طلب ڪيو ھو جتي ھُن کان ٽي ڪلاڪ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي

اداڪارا کان جاچ ۽ آريان جي خلاف ٿيندڙ جاچ ۾ اين سي بي آفيسرن اننيا کان آريان خان سان ٿيل واٽس ايپ چيٽ تي بھ ڳالھ ڪئي

ڀارتي ميڊيا موجب اين سي بي دعويٰ ڪئي آھي تھ آريان ۽ اننيا واٽس ايپ چيٽ ۾ چرس جو بندوبست ڪري رھي آھي ۽ چيٽ مان انڪشاف ٿيو آھي تھ آريان اننيا کان پڇيو ھو تھ چرس جو ڪو انتظام ٿي سگھي ٿو؟ ان تي اننيا رضامندي جو اظھار ڪندي ٻڌايو ھو تھ ھو انتظام ڪندي

اين سي بي آفيسرن پاران اننيا کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي تھ اداڪارا جو چوڻ ھو تھ ھوءَ مذاق ڪري رھي ھئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔