اردو لغت ۾ مهانگائي اڳيان عمران خان جي تصوير لڳائڻ گهرجي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اردو لغت ۾ مهانگائي اڳيان عمران خان جي تصوير لڳائڻ گهرجي، اهي ٻئي هڪٻئي لاءِ ضروري ٿي ويا آهن.

ڪراچي جي علائقي فيڊرل بي ايريا، گلبرگ ۾ فيملي پارڪ جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو مان اعلان ڪيو هو ته پارڪن تي خاص ڌيان ڏيندس، بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب ماڻهو تڪليف ۾ آهن، تفريح ته پري جي ڳالهه پر ٻن ويلن جي ماني کائڻ به ڏکيو آهي، نااهل حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ماڻهو اختيارن ۽ وسيلن جي ڳالهه ڪندا هئا، اختيار ۽ وسيلا اهي ئي آهن، بس نيت تبديل ٿي آهي ۽ جڏهن نيت تبديل ٿيندي آهي ته انتظاميا سنجيدگيءَ سان ڪم ڪندي آهي، ڪراچي جي هر ضلعي ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪم ٿي رهيو آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ – ڀارت مقابلي لاءِ شهر ۾ اسڪرينون لڳائي رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔