آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو ٽائيم فريم ڏئي نه ٿو سگهجي: ناڻي واري وزارت

اسلام آباد: ناڻي واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين بابت ڪو به ٽائيم فريم ڏئي نه ٿو سگهجي

آءِ ايم ايف جي پاڪستان بابت نمائندي جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان جائزي وارين ڳالهين جو ڇهون دور جاري آهي، ڳالهيون مڪمل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي کنيل قدمن جو جائزو ورتو پيو وڃي

آءِ ايم ايف جي عهديدار جو چوڻ آهي ته ڳالهين جي لاءِ پاڪستان جي معاشي پاليسين ۽ سڌارن جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ٻئي پاسي ناڻي واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين بابت ڪو به ٽائيم فريم ڏئي نه ٿو سگهجي

ياد رهي ته اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون هيون ۽ چيو هو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين بابت خوشخبري ملندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔