ڀارتي وزيراعظم مودي مسلمانن کي عيد ميلاد النبي صه جون مبارڪون ڏنيون

ممبئي: ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي مسلمانن جي لاءِ عيد ميلاد النبي صه جي حوالي سان پيغام جاري ڪيو آهي.
ٽوئيٽر تي مودي پنهنجي تصديق ٿيل اڪائونٽ تان مبارڪن جو پيغام جاري ڪندي لکيو ته هر پاسي امن ۽ خوشحالي هجي، مهرباني ۽ ڀائيواري جون خوبيون هميشا اڳڀريون رهن.
پيغام جي آخر ۾ هن عيد ميلاد النبي صه جون مبارڪون ڏنيون.
ان کان اڳ ڀارتي گلوڪار دلير مهدي به حضرت محمد مصطفيٰ صه جي حضور ۾ نذرانو پيش ڪيو جنهن جي وڊيو هن انسٽاگرام تي شيئر ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔