تعليمي بورڊ ميرپورخاص پاران ڏھين ڪلاس جي سالياني امتحانن جو نتيجو پڌرو

ميرپورخاص: تعليمي بورڊ ميرپورخاص پاران ڏھين ڪلاس جي سالياني امتحانن جو نتيجو پڌرو ڪيو ويو آهي.

پڌرائي موجب سال 2021 سائنس گروپ ۾ ڪاميابي جي شرح 96.33 سيڪڙو رھي.

سائنس گروپ جا 20 ھزار 4 سئو 19 شاگرد ۽ شاگردياڻين حصو ورتو، جن مان 3 ھزار ست سئو 68 شاگردن ۽ 2 ھزار 64 شاگردياڻين اي ون گريڊ حاصل ڪيو.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 4 ھزار 3 سئو 56 شاگردن ۽ 21 سئو 27 شاگردياڻيون اي گريڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون.

33 سئو 20 شاگرد ۽ ھڪ ھزار 89 شاگردياڻين بي گريڊ کڻڻ ۾ ڪامياب رھيون.

سي گريڊ حاصل ڪندڙن ۾ 16 سئو 85 شاگرد ۽ 4 سئو 45 شاگردياڻيون شامل آھن، 5 سئو 94 شاگردن ۽ 165 شاگردياڻيون ڊي گريڊ کڻي سگھيون.

جنرل گروپ ۾ ڪاميابي جي شرح 71.35 سيڪڙو رھي، جنھن ۾ صرف ھڪ شاگرد اي ون گريڊ کڻي سگھيو، اھڙي طرح 43 شاگردن ۽ 17 شاگردياڻين اي گريڊ حاصل ڪيو.

بي گريڊ حاصل ڪندڙن جو انگ شاگردن ۾ 84 ۽ شاگردياڻين ۾ 16 آھي، جڏھن ته 60 شاگرد ۽ 6 شاگردياڻيون سي گريڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رھيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔