ٽي-20 ورلڊ ڪپ: آئرلينڊ نيڌر لينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ابوظهبي: آءِ سي سي ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ آئرلينڊ نيڌرلينڊز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ابوظهبي جي شيخ زايدڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ورلڊ ڪپ جي پهرين رائونڊ جي گروپ اي جي ٽين ميچ ۾ نيڌرلينڊز پهريان کيڏندي 20 اوورن ۾ 106 رنز ٺاهيون
آئرلينڊ جي فاسٽ بالر ڪرٽس چيمبر 4 بالز تي چئن وڪيٽون وٺي شاندار هيٽرڪ ڪئي.جواب ۾ آئرلينڊ هدف 15.1 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان حاصل ڪري ورتو. خيال رهي ته ٽي-20 ورلڊ ڪپ جو پهريون رائونڊ ابوظهبي ۽ عمان ۾ جاري آهي. پهرين ميچ ۾ نيڌر لينڊز ۽ آئرلينڊز جون ٽيمون دوبدو ٿيون، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ سريلنڪا جو مقابلو نميبيا سان ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔