سنڌ ڪابينا نيوي کي 200 ايڪڙ زمين ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينا پاڪ نيوي جي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي اسڪيم لاءِ 200 ايڪڙ سرڪاري زمين ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران سنڌ ڪابينا ڪياماڙي جي ديهه لعل بکر جي 200 ايڪڙ زمين پاڪستان نيوي لاءِ ڏيڻ جي منظوري ڏني، ذڪر ڪيل زمين تي پاڪستان نيول ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي رهائشي اسڪيم ٺهندي

سنڌ ڪابينا لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 8 رورل هيلٿ سينٽرز،اسپتالون ۽تعلقه اسپتالون پي پي ايڇ آءِ کي ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني

سنڌ ڪابينا پاران جيڪي اسپتالون ۽ صحت مرڪز پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، انهن ۾ رتوديرو، باقراڻي ۽ ڏوڪري جون تعلقي اسپتالون، 50 بسترن واري ڳڙهي خدابخش جي اسپتال، 100 بسترن واري نئون ديرو جي اسپتال ۽ باڊهه، ڳيريلو ۽ بنگل ديرو جا هيلٿ سينٽر به شامل آهن

سنڌ ڪابينا پي پي ايڇ آءِ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ توانائي واري وزير امتياز شيخ جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي به جوڙي ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔