حڪومت جو نيب ترميمي آرڊيننس ۾ وڌيڪ ترميمن جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت نيب ترميمي آرڊيننس ۾ وڌيڪ ترميمن جو فيصلو ڪري ورتو.

ذريعن موجب وفاقي حڪومت طرفان نيب ترميمي آرڊيننس ۾ وڌيڪ ترميمن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نئون نيب ترميمي آرڊيننس قومي اسيمبلي جو تازو اجلاس ٿيڻ کانپوءِ جاري ٿيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان فيصلو ڪيو ويو آهي ته عوام سان وڏي پئماني تي دوکي ۽ فراڊ کي ٻيهر نيب جي اختيارن جي دائري ۾ آندو ويندو، موجوده آرڊيننس ۾ جوابدار تي جيتري ڪرپشن جو الزام آهي، ضمانت جو پئسو به ايترو ئي رکيو ويو آهي پر هاڻ احتساب عدالت کي ضمانت جي پئسي جي مقرري جو اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تازي آرڊيننس مان تاثر ملي رهيو آهي ته بيان رڳو ويڊيو لنڪ تي ئي رڪارڊ ٿي سگهي ٿو، شاهدن جي بيانن تي ويڊيو رڪارڊنگ ۽ آن لائن بيانن تي به وضاحت هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔