قوم 200 رپيا ليٽر پيٽرول به برداشت ڪري ويندي: فيصل واوڊا

اسلام آباد: تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل واوڊا ٻه سال اڳ چيو هو ته قوم پيٽ سان پٿر به ٻڌندي ۽ 200 رپيا ليٽر پيٽرول به برداشت ڪندي پر ڪرپٽ حڪمرانن کي برداشت نه ڪندي.

هاڻ لڳي ٿو ته حڪومت ان جي صلاح تي عمل ڪندي روز پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪندي پئي وڃي.

واضح رهي ته وفاقي حڪومت طرفان پيٽرول جي اگهه ۾ 19 رپيا 49 پئسا واڌ کانپوءِ في ليٽر پيٽرول جي قيمت 137.79 پئسا ٿي وئي آهي، جنهن تي عوام سخت ڪاوڙيل آهي.

2019 ۾ مهمند ڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو هو ته هيءَ قوم ملڪ لاءِ مهانگائي سميت هر پريشاني برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

هن دعويٰ ڪئي هئي ته اڳوڻن حڪمرانن جو احتساب عوام جو پراڻو مطالبو آهي، عوام چئي ٿو اسان پيٽ سان پٿر به ٻڌنداسين ۽ 200 رپيا في ليٽر پيٽرول به برداشت ڪنداسين پر احتساب جو عمل ڪنهن به صورت ۾ بند نه ڪيو وڃي.

خبر ناهي ته فيصل واوڊا اهڙي دعويٰ ڪيئن ڪئي هئي پر هاڻ حڪومت مان بيزار شهري چئي رهيا آهن ته ڪا خبر ناهي اڳتي پيٽرول 200 ليٽر کان به مٿي ٿي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔