پيٽروليم شين جي اگهن ۾ انڌاڌنڌ واڌ ڳڻتيءَ جوڳي آهي: ايم ڪيو ايم

ڪراچي: حڪومت جي اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم پاڪستان به ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪميٽي موجب وفاقي حڪومت پيٽرول جي قيمت کي ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچائي ڇڏيو آهي، موجوده حڪومت جي دور ۾ بجلي، گئس، اٽي ۽ کنڊ سميت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي بدران انڌاڌند واڌ ڳڻتيءَ جوڳي آهي.

رابطا ڪميٽي چيو آهي ته اهڙو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته اوگرا جي سمري کان به وڌيڪ واڌ ڪئي وئي هجي، عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه وڌڻ جو بار عوام تي نه وڌو وڃي، موجوده حڪومت جي اهڙن قدمن سان ملڪ ۾ مهانگائي جي سونامي اچي ويندي.

رابطا ڪميٽي موجب موجوده مهانگائي عوام جي برداشت کان ٻاهر ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔