آءِ ايم ايف ٽيڪس وڌائڻ جو چئي رهيو آهي، وزيراعظم عوام تي بار نٿو چاهي: شهزاد اڪبر

اسلام آباد: احتساب ۽ گهرو معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي عالمي سطح تي تيل اگهن ۾ تبديلي جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته انڪوائري کانپوءِ شگر انڪوائري ڪميشن جوڙي وئي ۽ ماهرن ذريعي انڪوائريز ڪيون ويون، شگر انڪوائري ڪميشن لاءِ وزيراعظم اعلان ڪيو، ڪميشن انڪوائري مڪمل ڪري ڪابينا کي ڏني.

هن ٻڌايو ته انڪوائري ڪميشن ۾ وڏا انڪشاف ٿيا ۽ ڪميشن جي رپورٽ جي روشني ۾ ڪارروائيون ڪيون ويون، انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ٽيڪس کان بچڻ لاءِ کنڊ بليڪ ۾ وڪرو ڪئي ويندي آهي، اڃا ڪجهه ملن جي آڊٽ مڪمل ناهي ٿي.

پيٽرول اگهن بابت سندس چوڻ هو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جا اگهه وڌيا آهن ۽ ان جا اثر پاڪستان تي به پيا آهن، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 2000 هزار کان وڌيڪ غير قانوني پيٽرول پمپن کي بند ڪيو ويو آهي.

شهزاد اڪبر وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف ٽيڪس وڌائڻ جو چئي رهيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم شروع کان ٽيڪس گهٽ کان گهٽ رکڻ ۽ عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پر عالمي سطح تي اگهه ان جي اختيار ۾ ناهن، هن وقت پيٽرول عالمي مارڪيٽ ۾ ٽن سالن جي بلند ترين سطح آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔