سنڌ ۾ استادن جي ڀرتي واري پاليسي نرم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ ۾ استادن جِي ڀرتين لاءِ تازو ورتل ٽيسٽ ۾ مايوس ڪندڙ نتيجا اچڻ سبب تعليم کاتي “ڀرتي پاليسي” نرم ڪرڻ جو فيصلو ڪري تجويزون تيار ڪري ورتيون.

تعليم کاتي تجويزون ڏنيون آهن ته، هر مضمون ۾ 45 سيڪڙو مارڪون لازمي هجڻ وارو شرط ختم ڪرڻ گهرجي، عورتن جون پاسنگ مارڪون 40 رکڻ گهرجي، مرد اميدوارن لاءِ پاسنگ مارڪون 55 ئِي رهنديون.

تعليم کاتي موجب نرمي باوجود سيٽون بچنديون ته مارڪن ۾ وڌيڪ رعايت ڏئي سگهجي ٿي.

تعليم کاتي موجب سنڌ ڪابينا مان تجويزن جِي منظوري بعد استادن جي ڀرتي جو عمل شروع ڪيو ويندو.

واضح رهي ته آءِ بي اي سکر پاران ورتل پي ايس ٽي ٽِيسٽ ۾ 11 هزار 230 ۽ جي ايس ٽي ٽيسٽ ۾ هڪ هزار 57 اميدوار پاس ٿيا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔