ميگا ايونٽ ۾ ڪپتاني چيلينج آهي: بابر اعظم

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ فخر ۽ ميگا ايونٽ ۾ ڪپتاني ڪرڻ چيلينج آهي، ورلڊ ڪپ پهريون ڀيرو کيڏي رهيو آهيان ۽ خوشي آهي ته ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان.
ورچوئل پريس ڪانفرنس دوران ڪپتان چيو ته مان فارم ۾ آهيان، جنهن جو فائدو ٽيم کي ٿيندو. بابر اعظم جو چوڻ آهي ته ٽورنامينٽ کان اڳ پرفارمنس سٺي هجي ته ان جو وڏو فائدو ٿيندو آهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته پاڪستان 2009ع ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽيو، هن ڀيري به ڪوشش ڪنداسين ته اُهي ساڳيون گهڙيون واپس اچن. هن چيو ته ورلڊ ڪپ کان بدقسمتي سان انٽرنيشنل سيريز نه ٿي سگهي، جڏهن ته ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ ۾ ڪجهه رانديگرن جي پرفارمنس سٺي نه هجڻ سبب تبديليون ڪرڻيون پيون، شعيب ملڪ، فخر زمان ۽ حيدر علي ٽيم ۾ شامل ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔