ڪورونا جي وبا ختم ٿيندي ته مهانگائي به گهٽ ٿيندي: شوڪت ترين

ڪراچي: ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين خبردار ڪيو آهي ته مهانگائي ۾ ڪا به گهٽتائي نه ايندي.

واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته تيل سميت ٻيون شيون سموري دنيا ۾ و ڌيڪ مهانگيون ٿي رهيون آهن، ڇو وڌي رهيون آهن ان جي مون کي خبر نه آهي.

هن چيو ته ڪورونا جي وبا ختم ٿيندي ته مهانگائي به گهٽ ٿيندي، ملڪ جي 40 سيڪڙو آبادي کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي.

شوڪت ترين چيو ته اسان وٽ ڊيٽابيس اچي چڪو آھي، جنهن سان پتو لڳائي سگهجي ٿو ته ھر گھر جي آمدني ڪيتري آهي، ايندڙ 4، 5 سالن ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح 20 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين، توانائي سيڪٽر لاءِ معاهدا ٿي چڪا آهن.

هن و ڌيڪ چيو ته عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) کان هڪ ارب ڊالر ملڻ جي اميد آهي، اکر آءِ ايم ايف کي انگ اکر ڏنا ويا آهن، هو ايندڙ چار ڏينهن ۾ تصديق ڪندا.

شوڪت ترين چيو آهي ته آمريڪي نائب پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ چيو ته غلطيون ٻنهي طرفان ٿيون آهن، هاڻي اڳتي وڌڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔