ٻوڏ اچڻ باوجود شوقين هوٽل ۾ ماني کائيندا رهيا

وڏ اچڻ باوجود شوقين هوٽل ۾ ماني کائيندا رهيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ٿائيلينڊ ۾ سمنڊ ڪناري قائم ٿيل هڪ هوٽل ۾ انوکو واقعو پيش آيو، ٻوڏ جو پاڻي اوچتو سمنڊ ۾ چڙهي اچڻ بعد هوٽل ۾ داخل ٿي ويو، پاڻي ڀرجڻ باوجود شوقين ويٺا رهيا ۽ کاڌي جو مزو ماڻيندا رهيا
جڏهن ته هوٽل ۾ پاڻي ڀرجڻ ۽ شوقينن جي موجودگي واري وڊيو وائرل ٿي وئي جنهن تي صارفين دلچسپ تبصرا ڪندا رهيا. هوٽل مالڪ ٽيٽي جو چوڻ هو ته ٻوڏ جو پاڻي اچڻ سبب آئون گهڻو پريشان ٿي ويس پر ان جي باوجود شوقينن جو جذبو ڏسي مون به خوب مزو ماڻيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔