مڙس عيادت جي لاءِ اسپتال اچڻ تي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي

سعودي عرب ۾ عورت سان حيران ڪندڙ واقعو پيش آيو، جنھن ۾ ھُن جي مڙس ان کي اوچتو طلاق ڏئي ڇڏي
غير ملڪي خابرو اداري موجب مذڪورا شخص ٽئين شادي جي وقت زال جي اڳيان اھو شرط رکيو ھو تھ ھوءَ شادي کي راز ۾ رکندي ۽ گھر ۾ ڪنھن کي خبر نھ پوڻ ڏيندي ۽ اھا ان تي قائم رھندي
ميڊيا رپورٽس موجب سعودي شھري اھو شرط ان جي ڪري رکيو ھو تھ ھو پھريان شادي شدا ھو ۽ 2 زال رکندڙ ھو، جڏھن تھ ھو ڪجھ وقت بعد بيمار ٿي پيو ۽ ھُن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو
ڄاڻايل شخص جي گھرواري مڙس جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد طوري طور تي اسپتال پھتي پر مڙس جو رد عمل ڏسي دنگ رھجي وئي
اسپتال پھچڻ تي شخص جون اڳ واريون گھرواريون تپي باھ ٿي ويون ۽ انھن جي سخت رد عمل تي ان شخص اسپتال ۾ پنھنجي گھرواري کي طلاق ڏئي ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔