جوهري ڄاڻ جي وڪري تي آمريڪي جوڙو گرفتار، فرد جرم لاڳو

واشنگٽن : آمريڪا ۾ هڪ شادي شده جوڙي کي گرفتار ڪري ان تي جوهري ڄاڻ جي غير قانوني وڪري ۽ جاسوسي جي الزام ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
واشنگٽن ۾ آمريڪا جي انصاف واري وزارت ٻڌايو ته اهو جوڙو هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين ايٽمي توانائي تي هلندڙ آبدوزن بابت ڳجهي ڄاڻ آمريڪا جي وفاقي پوليس ايف بي آءِ جي هڪ اهڙي اهلڪار کي کپائيندو رهيو، جنهن کي هو پرڏيهي حڪومت جو اهلڪار سمجهي رهيو هو.
جن آمريڪي مرد کي گرفتار ڪيو ويو، اهو ملڪي بحريا لاءِ هڪ جوهري انجنيئر طور ڪم ڪندو رهيو هو ۽ هن پنهنجي گهرواري سان گڏجي ڳجهي ڄاڻ فراهم ڪرڻ عيوض ڪرپٽو ڪرنسي جي صورت ۾ تقريبن هڪ لک ڊالر وصول ڪيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔