محبوبا مفتي به آريان خان لاءِ آواز اٿارڻ لڳي

سري نگر: باليووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان ڪيس تي والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير محبوبا مفتي مودي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ محبوبا مفتي چيو ته ڀارتي ايجنسيون هاري جي قتل ڪيس ۾ جوابدار يونين مننسٽر جي پُٽ کي مثال بڻائڻ جي بدران خانداني نالي خان هجڻ جي ڪري 23 سالن جي ڇوڪري جي پٺيان پئجي ويون آهن.
هنن وڌيڪ چيو ته بي جي پي جي ووٽ بينڪ جي لاءِ مسلمانن کي نشانو بڻائڻ انصاف جي تضحيڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔