ٻارڙن جي لنچ باڪس ۾ ڪهڙيون شيون هجن؟ والدين خبردار

ٻارڙن جي صحت ۽ واڌ ويجهه جي لاءِ سٺي خوراڪ جو هجڻ تمام ضروري آهي، ٻارڙن جي پيءُ ماءُ کي اهڙي ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي.
والدين جو پنهنجي ٻارن جي کاڌي تي خاص خيال هجڻ گهرجي ۽ اسڪول ويندڙ ٻارڙن جي لاءِ لنچ باڪس ۾ سُٺي خوراڪ جي چونڊ ڪئي وڃي.
اسڪول ويندڙ ٻار خاص ڪري اسڪول ۾ وڪرو ٿيندڙ شين ڏانهن گهڻو مائل هوندا آهن، انهن جي والدين کي اهڙي حالت ۾ انهن جو خاص خيال ڪرڻ گهرجي.
هڪ طبي رپورٽ موجب ٻار پنهنجي روز واري ڪيلوريز جو 35 کان 40 سيڪڙو اسڪول جي وقت ۾ استعمال ڪندا آهن ۽ ان دوران اهو ڏسڻ تمام ضروري آهي ته اهي ڪيلوريز صحتمند آهن يا نه.
انهن کي گهرجي ته هو رڳو اسڪول انتظاميا سان پنهنجي ٻار جي پڙهائي بابت ئي رابطي ۾ نه هجن پر پنهنجي ٻارن جي کاڌي بابت به رابطي ۾ رهن ته ڇا انهن جا ٻار گهر کان آندل لنچ باڪس ۾ موجود کاڌو صحيح نموني کائيندا آهن؟ يا ڪٿي اهي غير معياري شين جو استعمال نه ڪندا آهن؟
ٻارن جي صحت گهڻي حساس هوندي آهي انڪري ٿوري غلط شيءِ به وڏي مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن هر طرف هڪ وبا جو خوف ڦهليل آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻارن جي ٽفن يا لنچ باڪس ۾ شيون گهٽ مٺيون رکيون وڃن، گهٽ سڻڀ واريون هجن، کير جون شيون، فروٽ، سبزيون، صحتمند نمڪين شيون جهڙوڪ خشڪ ميوا وغيرا شامل ڪيا وڃن.
انکانسواءِ استاد به ٻارن کي روزمرا جي خوراڪ جي حوالي سان ڳالهائين، جنڪ، فاسٽ فوڊ يا مٺيون شيون ڪڏهن ڪڏهن ئي استعمال ڪيون وڃن ته بهتر ٿيندو، انهن شين جو روز استعمال ٻارن جي صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔