فٽبال جي عالمي چيمپيئن فرانس يوئيفا نيشنز ليگ کٽي ورتي

ميلان : فٽبال جي عالمي چيمپيئن فرانس، اسپين کي شڪست ڏئي يوئيفا نيشنز ليگ کٽي ورتي.
آچر جي رات کيڏيل فائنل ميچ ۾ فرانس جي ٽيم اسپين کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
اٽلي جي شهر ميلان ۾ کيڏيل ان فائنل ۾ پهريون گول اسپين 64هين منٽ ۾ ڪيو پر ٻن منٽن کانپوءِ ئي فرانس جي ڪريم بينزيما گول ڪري مقابلو برابر ڪري ڇڏيو.
فرانس جي فتح جو سبب بڻجندڙ ٻيو گول فارورڊ رانديگر ايمباپي 80هين منٽ ۾ ڪيو.
ميچ ۾ فرانس جي ٽيم 1-2 تان ڪاميابي ماڻي يوئيفا نيشنز ليگ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔