پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي رفتار اوچتو سست ڇو ٿي وئي؟ اهم خبر

اسلام آباد: پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي رفتار اوچتو سست ٿي وئي.
25 هزار ڪلو ميٽر ڊگهي ايشيا ڊبل اي ون ڪيبل ۾ خلل اچي ويو ۽ ٽيلي ڪام ذريعن جو چوڻ آهي ته 40 ٽيرا بائيٽ جي اهم ترين پاڻي هيٺ ڪيبل فجيرا ڀرسان خراب ٿي وئي، جنهن سبب پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي رفتار سستيءَ جو شڪار آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ ڊيٽا ٽريفڪ جي ٻين گهٽ گنجائش وارين ڪيبلن تي منتقلي ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب 40 ٽيرا بائيٽ ڪيبل جي مرمت ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔