موبائل چارج ڪندي عورت زخمي، حالت ڳڻتي جوڳي

ملتان جي تعلقي شجاع آباد ۾ موبائل چارجنگ دوران ڪرنٽ ۽ باهه لڳڻ سبب عورت سڙي زخمي ٿي پئي.
پوليس موجب سعديا بي بي گهر ۾ چارجر سان پنهنجي موبائل چارج ڪري رهي هئي ته انکي ڪرنٽ لڳو جنهن سبب ان جي ڪپڙن کي باهه لڳي وئي.
پوليس جو چوڻ هو ته فوري طور تي متاثر عورت کي تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال شجاع آباد منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن ان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائيندي کيس نشتر اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔