پاڪ -انگلينڊ سيريز رد ٿيڻ بعد انگلش بورڊ جو چيئرمين مستعفي

لنڊن : پاڪ – انگلينڊ سيريز رد ٿيڻ جي تڪرار انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين کي لوڙهي ڇڏيو ۽ برطانوي ميڊيا موجب اين واٽمور ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اين واٽمور جي عهدي جو مدو 5 سال هو پر هو رڳو 10 مهينا عهدي تي رهيو، پاڪ – انگلينڊ سيريز رد ٿيڻ سبب هو دٻاءَ جو شڪار هو،
هن بورڊ آف ڊائريڪٽرز سان مشاورت کانپوءِ گڏيل رضامندي سان استعيفيٰ ڏني آهي. واضح رهي ته انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي هلندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪرڻو هو پر نيوزيلينڊ طرفان دورو رد ڪرڻ کانپوءِ انگلينڊ به هڪ طرفي طور پاڪستان خلاف سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪيو،
جنهن کانپوءِ انگلش ڪرڪيٽرن سميت حڪومت به بورڊ جي ان فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔